چنڊ جون ڪلائون

چنڊ جون ڪلائون

چنڊ جون ڪلائون

چنڊ جون ڪلائون (ڪتاب): شاعرانور هالائيءَ’ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري پاران 1992ع ۾ ڇپيل آهي. انور هالائيءَ هن شعري مجموعي جو انتساب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي نالي ڪيو آهي. ابتدا ۾ پهرئين صفحي تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ انور هالائيءَ جو تعارف لکيو آهي. ان بعد ڇپائيندڙ پاران ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري امداد حسينيءَ جو پبلشر نوٽ ۽ پنهنجي پاران ٻه اکر انور هالائيءَ جا ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو تفصيلي پيش لفظ شوڪت ابڙي لکيو آهي. ڪتاب ۾ حمد، نعت، منقبت سان گڏ نظم، لطيف نامه، ڪافيون، قطعا، غزل شامل آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائٽل تعارف ميان الله بچائي يوسف زئيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز جي 344 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 125 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو